آفتاب شِوداساڻي

آفتاب شِوداساڻي

آفتاب شِوداساڻي

آفتاب شِوداساڻي: بالي ووڊ جو مشھور اداڪار، ماڊل ۽ پروڊيوسر آفتاب شوداساڻي، 25 جون 1978ع تي ممبئيءَ ۾ ڄائو. هن جو تعلق سنڌي هندو ڪٽنب سان آهي. سندس پارسي ماءُ جو نالو پتلي ۽ پيءُ جو نالو پريم شِوداساڻي آهي. سندس هڪ ڀيڻ احسانا آهي. هن ممبئي جي سينٽ زيويئر هاءِ اسڪول ۽ ايڇ. آر ڪاليج آف ڪامرس مان گريجوئيشن ڪئي. هن سڀ کان پھرين 14 مھينن جي عمر ۾ فبريڪس جي هڪ اشتھار ۾ ننڍڙي صحتمند ٻار طور ماڊلنگ ڪئي، ان کانپوءِ هندي فلمن ’مسٽر انڊيا‘، ’شھنشاهه‘ ۽ ’چالباز‘ ۾ ٻالڪ اداڪار طور ڪم ڪيو. جوان ٿيڻ کانپوءِ هي رام گوپال ورما جي فلم ’مست‘ ۾ پھريون ڀيرو هيرو طور آيو. جنھن ۾ سندس هيروئن ارملا مٽونڊڪر هئي، ان وقت اڃا هي ڪاليج ۾ پڙهندو هو. اها فلم تمام گهڻي ڪامياب ٿي ۽ کيس 2000ع جو ’زي سني اوارڊ فار بيسٽ ميل ڊيبيو‘ ۽ ’اسٽار اسڪرين اوارڊ فار موسٽ پرامسنگ نيو ڪمر- ميل‘ جا اوارڊ مليا. ان کانپوءِ 2001ع ۾ هن ڪيتريون ئي ڪامياب فلمون ڪيون جن ۾ وڪرم ڀٽ جي ’قصور‘ جنھن تي کيس فلم فيئر اوارڊ مليو ۽ رام گوپال ورما جي فلم ’لوَ ڪي لئي ڪڇ ڀي ڪريگا‘ راجيو راءِ جي ’پيار، عشق اور محبت’ اڳئين سال هن جون ’ڪوئي ميري دل سي پوڇي‘، ’جاني دشمن‘، ’ايڪ انوکي ڪهاني‘، ’آواره، پاگل ديوانا‘ ۽ ’پياسا‘ فلمون آيون جن مان ڪي ناڪام به رهيون. ائين سلسلو هلندو رهيو. سندس مشھور فلمن ۾: ’ڊرنا منع هي‘، ’هنگاما‘، ’فوٽ پاٿ‘، ’سُنو سسر جي‘، ’مستي‘، ’شڪريه‘، ’مـسٽـر يـا مس‘، ’آئو وِش ڪرين‘، ’بن بلائي باراتي‘ وغيره شامل آهن. هن تامل ۽ ڪنڙ فلمن ۾ به ڪم ڪيو آهي. هن لڳ ڀڳ 50 فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي. شوداساڻي ڪٽنب جو تعلق ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ سان هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.06.25  عيسوي

بالي ووڊ جو مشهور اداڪار آفتاب شوداساڻي، 25 جون 1978ع تي ممبئيءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد نذر محمد شاهه
بقائي ڊاڪٽر فريدالدين
برڪت علي ڀٽ
تيمور لنگ
سيد منچر شاهه
صاحب دولت مائي
صوڀراج چوهڙمل موٽواڻي
ضياء الحق جنرل
رامانند سوامي
پير موسيٰ نواب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون